ضرب عضب آپريشن

ضرب عضب آپريشن

ضرب عضب آپريشن

ضرب عضب، آپريشن: پاڪستان آرمي طرفان انتهاپسندن خلاف شروع ڪيل آپريشن جو نالو جنهن جو آغاز 15 جون 2014ع تي پاڪستان آرمي جي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ ٿيو. هيءُ آپريشن مختلف سرگرم هٿياربند گروهن جهڙوڪ: ’تحريڪ طالبان پاڪستان‘، ’اسلامي تحريڪ ازبڪستان‘، ’اوڀر ترڪستان اسلامي تحريڪ‘، ’لشڪر ’جهنگوي، ’القاعده‘، ’جندالله‘ ۽ ’حقاني نيٽ ورڪ‘ خلاف شروع ڪيو ويو. هن آپريشن جو مقصد پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن تي ضابطو آڻڻ هو. هن آپريشن کي 8 جون 2014ع تي ڪراچي هوائي اڏي تي ٿيل دهشتگرديءَ واري واقعي جو نتيجو پڻ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 28 ماڻهو شهيد ٿيا. هيءُ آپريشن هڪ سال نو مهينا، 2 هفتا ۽ پنج ڏينهن جاري رهيو. ان آپريشن جو دائرو فاٽا (قبائلي علائقا) اتر وزيرستان، ڪراچي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب تائين پکڙيل هو. هن آپريشن جي شروع ۾ ئي تقريبن 3400 دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ سندن 837 جي لڳ ڀڳ ڳجهن ٺڪاڻن کي نشانو بنائي تباهه ڪيو ويو. 18 مهينن جي هن آپريشن ۾ 13200 کان وڌيڪ انٽيليجنس بيسڊ (خفيه) آپريشن ذريعي 183 دهشتگرد ماريا ويا، 2193 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، 142 ڪيس فوجي عدالت ۾ داخل ڪيا ويا، جن مان 55 ڪيس نبري چڪا آهن، 87 ڪيسن جي ڪارروائي هلندڙ آهي ۽ 31 دهشتگردن کي ڦاسي جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته هن آپريشن دوران پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪورپس خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ رينجرز جا 488 جوان شهيد ۽ 1914 زخمي ٿيا. آپريشن ضرب عضب بعد پاڪستان ۾ نه صرف دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي بلڪ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال به ڪافي بهتر ٿي، جنهن جي پيش نظر نئين آرمي چيف جنرل جاويد قمر باجوا هن آپريشن جي تسلسل ۾ ’آپريشن ردالفساد‘ متعارف ڪرايو ، جنهن جو مقصد پڻ پاڪستان مان دهشتگردي جي باقيات کي مڪمل طور ختم ڪري ملڪي سلامتي ۽ بقاءَ کي يقيني بڻائڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو